حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته قومي عوامي تحريڪ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ جرڳن ۽ ڪاروڪاري جي واقعن جي مذمت ڪري ٿي، ڪاروڪاري، جرڳا ۽ سڱ چٽيون ڏيڻ، قبائلي فيصلا سنڌ دشمن، عوام دشمن، آئين دشمن ۽ قانون دشمن آھن، سنڌ جي ڪنھن به علائقي ۾ جيڪي به جرڳا ڪرائين ٿا اھي سنڌ جا، قانون جا، آئين جا، انساني حقن جا ۽ انسانيت جا ويري آھن، جيڪي به ماڻھو عورتن کي ڪاروڪاري ڪرڻ لاءِ ھمٿائين ٿا يا مددگار ٿين ٿا يا خاموش تماشائي رھن ٿا، اھي به عورت دشمن ۽ عوام دشمن آھن ۽ جيڪي سڱ چٽيون ڏين ٿا، ننڍڙن ٻارن جون شاديون ڪرائين ٿا، ڪاريون قرار ڏنل نياڻين ۽ عورتن کي بليڪ ميل ڪري پئسا وصول ڪن ٿا، اھي سڀ انسانيت، عورتن ۽ قوم جا دشمن آھن، سنڌ سرڪار کي انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، جرڳا روڪڻ بدران پوليس ۽ انتظامي سرپرستي ۾ سرڪٽ ھائوسز ۾ جرڳا ڪري بيگناھ قتل ڪيل ماڻھن جا خون لوڙھيا وڃن ٿا، عورتون ۽ نياڻيون ڪاريون قرار ڏئي انھن جي زندگين کي جھنم بڻايو وڃي ٿو، سڱ چٽي ۾ ڏنو وڃي ٿو، ڪاروڪاري، جبري مذهب مٽائڻ ۽ ڇوڪرين جي اغوا کي روڪيو وڃي، پسند جي شادي، آزاد وجود ۽ برابري واري زندگي اسان جي ڀينرن ۽ ڌيئرن جو بنيادي حق آهي.