شاهد آفريديءَ جي بابر اعظم تي ڇتي تنقيد

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي به ڪپتان بابر اعظم جي ڪپتاني سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

افغانستان هٿان عبرتناڪ شڪست ۽ ميچ دوران خراب فيلڊنگ بابت نجي ٽي وي چئنل سان گفتگو ڪندي شاهد آفريدي چيو ته جڏهن ڪو رانديگر بائونڊر لائين تي بيٺو هئڻ باوجود راند ۾ نه هجي، لڪڻ جي ڪوشش ڪري، هاڪاري ۽ سٺو نه سوچي ته اهڙيون شيون سامهون اينديون آهن.

هن چيو ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته اسان معجزن جا منتظر آهيون پر معجزا بهادرن سان ٿيندا آهن معجزا اهڙن ماڻهن سان ٿيندا آهن جيڪي مقابلو ڪرڻ ڄاڻيندا آهن.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته ٽيم لاءِ هڪ ڪپتان ئي سڀ ڪجهه هوندو آهي، جيڪڏهن ڪپتان محنت ڪري فيلڊنگ ۾ ڊائيو هڻندو اوور کانپوءِ ڇوڪرن کي گڏ ڪندو ته سڄي ٽيم متحرڪ ٿي ويندي آهي.

هن چيو ته جڏهن ڪپتان ڦڙتي ڏيکاريندو آهي ٻيا رانديگر ڪن ڪندا آهن ۽ محنت نه ڪرڻ وارن کي شرمساري ٿيندي آهي، انضمام جڏهن ڪپتان طور ڊائيو هڻندو هو ته اسان کي شرمساري ٿيندي هئي ته اسان ڇو ناهيون هڻي رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.