” پاڪستان کي ڏکڻ آفريڪا خلاف فتح جون اڳواٽ واڌايون“ علي ظفر جو ٽوئيٽ وائرل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) راڳي علي ظفر آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ايندڙ مقابلن کان اڳ ئي قومي ٽيم کي ڪاميابيءَ جون اڳواٽ واڌيون ڏنيون آهن.

ورلڊ ڪپ شروعاتي ٻئي ميچون کٽڻ کانپوءِ ڀارت، آسٽريليا ۽ افغانستان هٿان شڪست بعد پاڪستان سيمي فائنل مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.

پاڪستان هاڻ 27 آڪٽوبر تي پنهنجي ايندڙ ميچ چنائي ۾ جي چدمبرم اسٽيڊيم ۾ ميگا ايونٽ جي مضبوط ترين ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف کيڏندو.

ان ميچ جي حوالي سان جتي شوقين ڊنل آهن اتي فاسٽ بالر محمد عامر جو بيان سامهون اچي چڪو آهي ته هن ڀيري ڏکڻ آفريڪا موڊ ۾ لڳي رهيو آهي ۽ هو اسان تي رحم نه ڪندا.

اهڙي صورتحال ۾ علي ظفر جي اڳواٽ مبارڪباد سوشل ميڊيا واهپيدارن کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي علي ظفر لکيو ته پاڪستان کي جمعي واري ڏينهن ڏکڻ آفريڪا سان ٿيندڙ مقابلي ۾ فتح مبارڪ هجي.

علي ظفر جي ٽوئيٽ تي ڪرڪيٽ پرستار دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.