عبدالرزاق بابر اعظم تي سنگين الزام مڙهي ڇڏيا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان هٿان اٺ وڪيٽن تان عبرتناڪ شڪست کانپوءِ اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق ڪپتان بابر اعظم بابت سنگين نوعيت جا سوال اُٿاري ڇڏيا.

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي عبدالرزاق چيو ته افغانستان هٿان شڪست تي سڀ ڏُکارا آهيون، جڏهن عبدالله شفيق ڪريز تي کيڏي رهيو هوته هو جارحاڻي انداز ۾ کيڏي رهيو هو، جيئن امام آئوٽ ٿيو ۽ بابر بيٽنگ لاءِ آيو عبدالله شاٽس روڪي ڇڏيا.

اڳوڻي آل رائونڊر چيو ته ان جو مطلب آهي ته کيس هدايتون ملي رهيون هيون ته شاٽس ناهي کيڏڻي، هو کٽل شاٽون هڻي رهيو هو، ڪنهن مهل هٽ لاءِ وڃي پيو ڪنهن مهل پاڻ کي روڪي پيو ڇڏي.

هن چيو ته جنهن بال تي عبدالله آئوٽ ٿيو اِهو اهڙو بال نه هو، ان وقت ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ کيس کيڏڻ ئي نٿو اچي، ان جو مطلب جڏهن ڪپتان ڪريز تي آهي ته کيس هدايتون ملنديون آهن ته ڪيئن کيڏڻو آهي.

عبدالرزاق چيو ته جڏهن ڪپتان ڪريز تي هوندو آهي ته سڀني رانديگرن جو اسٽرائيڪ ريٽ ڏسو 77، يا 80 کان وڌندو ئي ناهي، ڪرڪيٽ ائين ناهي کيڏي ويندي .

هن وڌيڪ چيو ته افغانستان جهڙي ٽيم کي 350 جو هدف ڏيڻ گهرجي ها، جيڪڏهن ماڻهو چون ٿا ته بابر کي ڪپتاني نٿي اچي ته مئنيجمينٽ ڇا ڪري رهي آهي؟ .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.