غيرقانونين جي واپسي تي رياست مخالف پروپيگينڊا ڪندڙ خبردار

ڪوئيٽا: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت غيرقانوني رهندڙن کي ڪڍڻ بابت پروپيگنڊا ڪندڙن کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي.

بلوچستان جي نگران اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته رياست مخالف عنصرن غير قانوني پرڏيهين کي ڪڍن جي حوالي سان پروپيگينڊا ڪري معاملي کي غيرضروري اٿاريو آهي.

هن چيو ته مان اهڙن سمورن عنصرن کي خبردار ڪريان ٿو ته هو معاملي کي اڳتي نه وڌائن ڇو ته جيڪڏهن ڪنهن به حڪومتي منصوبي ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهڙن عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

جان اچڪزئي چيو ته غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو وسيع قومي مفاد ۾ ڪيو ويو آهي، قومي مفادن جو تحفظ ڪنهن به ملڪ جي پهرين ترجيح آهي.

هن چيو ته غير قانوني پرڏيهين کي سمورن قومي ۽ عالمي قانونن کي نظر ۾ رکندي واپس موڪليو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.