چنائي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي ڪامينٽري پئنل ۾ شامل عرفان پٺاڻ پاڪستان خلاف افغانستان جي ڪاميابي تي ميدان ۾ رقص ڪيو جنهن جي وڊيو هن پاڻ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي شيئر ڪئي.
آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان اَپ سيٽ ڪندي پهريون ڀيرو پاڪستان کي شڪست ڏئي ايونٽ ۾ ٻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
Professionals 😭
Begani Shadi main Abdullah dewana 😂😭pic.twitter.com/W4pBWoYogD— Rutaba 🇵🇰 (@cuterutaba) October 23, 2023
افغانستان پاڪستان جو 283 رنسن جو هدف سولائي سان 49 هين اوور ۾ ٻن وڪيتن جي نقصان حاصل ڪري ورتو.
اِها افغانستان جي پاڪستان خلاف ون ڊي انٽرنيشنل ۾ پهرين ڪاميابي آهي جڏهن ته هلندڙ عالمي ڪپ ۾ افغان ٽيم ٻيو اَپ سيٽ ڪيو آهي، ان کان اڳ افغانستان دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کي شڪست ڏني هئي.
ان موقعي تي اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر عرفان پٺاڻ اسٽيڊيم ۾ افغان اسپنر راشد خان سان گڏ جهمر هنئي، وڊيو جي ڪيپشن ۾ عرفان پٺاڻ لکيو ته مون پنهنجو واعدو پاڙيو، راشد خان مون کي چيو هو ته اسان ٻيهر کٽينداسين، جنهن تي مون کيس چيو ته مان ٻيهر ڊانس ڪندس.
He is commentator, Circket Analyst , Comedian or joker?
Begani shadi main Abdullah dewana 🤔🤣🤭#Irfanpathan #PAKvsAFG #CWC23 #AFGvPAK #Afghanistan #PAKvAFG #Pakistancricket #CricketWorldCup #CWC2023 #icccricketworldcup2023 #ICCCricketWorldCup pic.twitter.com/C2cvaV1Evu
— Waqas Khan (@WWakas) October 23, 2023
ورلڊ ڪپ ۾ آءِ سي سي براڊ ڪاسٽر طور ڪم ڪندڙ عرفان بابت ڪيئي ماڻهن تبصرا ڪيا ۽ ان صورتحال کي ” ڄڃ پرائي احمق نچي جي مثال سان ڀيٽيو ۽ ايڪس تي ڪيئي پوسٽون ڪيون، جنهن ۾ عرفان پٺاڻ کي ڪجهه ماڻهن پروفيشنل طور پيش اچڻ جي صلاح ڏني.
عرفان پٺاڻ جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪيل ڊانس جي وڊيو تي افغانستان جي ڪپتان حشمت الله شاهدي به تبصرو ڪندي لکيو ته” مهرباني عرفان ڀاءَ، هي بهترين لمحو هو“ .
ان کانسواءِ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ايڪس پوسٽ ۾ لکيو ته واضه اڄ هڪ بهترين ٽيم کٽيو، پاڪستان خلاف شاندار فتح تي افغانستان کي شاباش.