آخري چنڊ گرهڻ ڪهڙي وقت ڏٺو ويندو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال جو آخري چنڊ گرهڻ 28 آڪٽوبر تي ٿيندو جيڪو پاڪستان سميت مختلف ملڪن ۾ ڏٺو ويندو.

چنڊ گرهڻ هلندڙ سال جو ٻيو ۽ آخري چنڊ گرهڻ هوندو جيڪو پاڪستان ۾ پڻ ڏٺو ويندو.

اهو هڪ جزوي چنڊ گرهڻ هوندو جنهن جو مشاهدو ڪرڻ ممڪن هوندو.

چنڊ گرهڻ 28 آڪٽوبر تي پاڪستاني وقت موجب 11 لڳي 15 منٽن تي شروع ٿيندو ۽ 29 آڪٽوبر تي 3 لڳي 36 منٽن تي ختم ٿيندو.

ان کان اڳ سال 2023 جو پهريون چنڊ ​​گرهڻ 5 ۽ 6 مئي تي ٿيو هو، جيڪو پاڪستان ۾ به ڏٺو ويو هو.

گرھڻ 5 مئي تي رات 10:23 تي شروع ٿيو ۽ 6 مئي تي رات 12:32 تي ختم ٿيو.

ياد رهي ته جڏهن چنڊ ​​ڌرتيءَ جي پاڇي جي اونداهي حصي مان گذرندو آهي ۽ زمين، سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ اچي ويندو آهي ته چنڊ گرهڻ لڳندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.