ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته گذريل مالي سال ۾ ملڪي معيشت ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏنو، مهانگائي ۽ مالياتي عدم توازن وڌيو پر هلندڙ سال مهانگائي ۾ گهٽتائي ايندي.
اسٽيٽ بئنڪ ملڪي معاشي ڪارڪردگي جي 23-2022 لاءِ سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته روس – يوڪرين تڪرار سبب مالي سال 2022 جي ٻين ٽن مهينن ۾ ئي معيشت چئلينجن کي منهن ڏنو.
هوڏانهن ٻوڏ سان معاشي سرگرميون متاثر ٿيون، مالياتي عدم توازن وڌيو ۽ سراسري مهانگائي ڪيترن ئي ڏهاڪن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽيو پر ٻاهرين رقم جي آمد ۾ گهٽتائي سان اسٽيٽ بئنڪ جي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ گهٽتائي آئي.
رپورٽ موجب مالي سال 23-2022 جي آخر ۾ معيشت ۾ بهتري جا آثار نظر اچڻ شروع ٿيا، آءِ ايم ايف وٽان 3 ارب ڊالر ملڻ سان ٻاهرئين شعبي جا خطرا گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي.
اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته پبلڪ سيڪٽر انٽرپرائزز جي ڪارڪردگي مالياتي وسيلن تي بار آهي، ان سبب ترقياتي خرچن لاءِ گنجائش گهٽجي وئي آهي، درآمدن تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۽ اگهن ۾ استحڪام لاءِ زرعي شعبي ۾ سڌارن جي ضرورت آهي.
هلندڙ مالي سال جي حوالي سان رپورٽ ۾ لڳايل ڪاٿن موجب ڪپهه ۽ چانور جي پيداوار ۾ امڪاني بحالي سان مالي سال 2024 دوران زرعي اوسر ۾ مدد ملندي.
اسٽيٽ بئنڪ هلندڙ مالي سال ۾ حقيقي جي ڊي پي جي اوسر جي شرح ٻه کان ٽي سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته اهم فصلن جي پيداوار ۾ واڌ سان مهانگائي گهٽجي 20 کان 22 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي.
مرڪزي بئنڪ موجب اميد آهي ته مالي سال 2024 ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جي 0.5 کان 1.5 سيڪڙو جي وچ ۾ رهندو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 2024 ۾ درآمدون 52 ارب ۽ برآمدون 29 ارب ڊالر رهڻ جي اميد آهي، جڏهن ته مالي خسارو جي ڊي پي جو 7 کان 8 سيڪڙو رهڻ جو ڪاٿو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب هلندڙ مالي سال ۾ اوور سيز پاڪستانين جو ناڻي جي پهچ جو ڪاٿو 26 ارب ڊالر رهندو.
Prev Post
You might also like