اسرائيل جو حماس خلاف پيڇو ڪندڙ ليزر بمن جو پهريون ڀيرو استعمال

غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل حماس خلاف پهريون ڀيرو آئرن اسٽنگ ليزر ۽ ج ي پي ايس گائيڊنس سسٽم جو استعمال ڪري رهيو آهيل ليزر ۽ جي پي ايس خاصيتن سان ليس 120 ميٽرن جي مارٽر گولي جي رينجر 1 کان 22 ڪلوميٽرز جي وچ ۾ آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب آئرن اسٽنگ مارٽر بم جديد خاصيتون رکندڙ آهي. اهو ليزر ۽ جي پي ايس جي مدد سان هدف کي بغير ڪنهن ڪوليٽرل ڊيميج جو نشانو بڻائيندا آهن.
جنهن جو مطلب اهو آهي ته ليزر ۽ جي پي ايس گائيڊڊ هجڻ سبب اهو مارٽر گولو رڳو هدف کي نشانو بنائيندو آهي ان جي وچ ۾ يا ڀرسان ايندڙ ڪنهن به شيءِ کي نقصان ناهي پهچائيندو.
جديد ترين خاصيتن سان ليس انهن مارٽر بمن بابت اسرائيلي فوج 2021ع ۾ ٻڌايو هو پر هاڻ پهريون ڀيرو استعمال ڪيو آهي.

اسرائيلي هوائي فوج ان هاءِ ٽيڪ آئرن اسٽنگ سسٽم سان حماس جي ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ جا فوٽيج جاري ڪري ڇڏيا جنهن جھ مارٽر بم ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي سيڪنڊن ۾ تباهه ڪري ڇڏيو.
اسرائيلي هوائي فوج دعويٰ ڪئي ته انهن حملن ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو پر حماس جو چوڻ آهي ته انهن حملن ۾ ٻارن ۽ عورتن سوڌو 10 کان وڌيڪ شهادتون ٿيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.