ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عورتن جي سڀ کان وڏي ڪرڪيٽ ليگ شروع ٿي وئي آهي.
بگ بيش ليگ ڪيترن ئي رخن ۾ منفرد آهي، پر هن سيزن ۾ پاڪستان جي هڪ خاص ڳالهه اها آهي ته آسٽريليا جي وومين بگ بيش ليگ ۾ پاڪستاني 3 امپائرز امپائرنگ ڪندا.
پاڪستاني آسٽريلوي امپائرز احمد خان، سيد همايون ۽ محمد قريشي شامل آهن، ٽي امپائر بگ بيش ليگ ۾ چوٿين امپائر جا فرض سرانجام ڏيندا.
ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستاني ڄاون ٽن آسٽريلوي امپائرز کي امپائرز پينل جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي، ٽي امپائر وومين نيشنل ڪرڪيٽ ليگ سيڪنڊ اليون ميچز ۽ عمر گروپ نيشنل چيمپيئنز ليگ ۾ به امپائرنگ ڪندا.
ڪرڪيٽ آسٽريليا بگ بيش ليگ لاءِ پينل ۾ 35 امپائرن جي نالن جو اعلان ڪيو آهي، جن مان 4 امپائر هندستاني ۽ هڪ سريلنڪا جو آهي.