”ان کان اڳ جو ٻئي ڪنهن اداري جو حڪم اچي اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ ڏئي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بنا دير چونڊون ڪرايون وڃن، چونڊن ۾ دير چونڊون نه ڪرائڻ برابر آهي.
اسلام آباد ۾ دستور پاڪستان جا 50 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئين قانون جي حڪمراني جو اصول واضح ڪري ٿو.
هن چيو ته آئين جي گولڊن جوبلي جي تقريب ۾ گهرائڻ تي ٿورائتو آهيان، جمهوريت آئين جو ۽ آئين انساني حقن جو تحفظ ڪري ٿو، سپريم ڪورٽ ڊڪٽيٽر خلاف پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، سپريم ڪورٽ بار آئين جي بالادستي لاءِ ڪم ڪيو.
سندس چوڻ هو ته اسان جي پارٽي چونڊن جي تاريخ گهري رهي آهي، بنا دير چونڊون ڪرايون وڃن، چونڊن ۾ دير چونڊون نه ڪرائڻ برابر آهي، ان کان اڳ جو ڪو ٻيو اداري حڪم ڏئي اليڪشن ڪميشن تاريخ ڏئي ڇڏي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئين جي بحالي لاءِ بينظير پنهنجي حياتي قربان ڪئي، هر سياستدان عدليا سامهون پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو آهي، جج صاحبن کي به پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.