ڀارتي اسٽيڊيم ۾ افغاني اڪيلا ٿي ويا، پاڪستانين لاءِ نعرا

چنائي ( ويب ڊيسڪ ) چنائي جي ايم چدمبرم اسٽيڊيم ۾ سومر جي ڏينهن پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ميچ دوران پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي مقامي مداحن جي سپورٽ حاصل رهي.

مداح سبز جرسيون پائي پاڪستاني رانديگرن جي حق ۾ نعرا هنيا جڏهن ته پاڪستان ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ سندن وڏو انگ گرائونڊ ۾ موجود رهيو .

پاڪستان چنائي ۾ افغانستان خلاف ست وڪيٽن جي نقصان تي 282 رنسون ٺاهيون، پاڪستان جي بيٽنگ دوران اسٽيڊيم ۾ موجود فينز پاڪستاني رانديگرن کي داد ڏيندا رهيا.

ميدان ۾ بابر اعظم جي حق ۾ به نعرا هنيا ويا ۽ افتخار احمد کي به ڀرپور داد ڏنو ويو.

مقامي انتظاميا موجب، پاڪ-افغان ميچ جي موقعي تي 15 هزار کان وڌيڪ تماشائي اسٽيڊيم ۾ موجود هئا ۽ انهن ۾ ڪيئي مداحن کي پاڪستان جي جرسي پهريل هئي.

هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪرڪيٽ مداحن بابراعظم ۽ شاهين آفريدي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو .

هڪ ڀارتي مداح گوتم ان موقعي تي چيو ته هن چنائي ۾ تاريخي ٽيسٽ فتح ۽ سعيد انور جي 194 رنسن جي اننگز به ڏٺي هئي ۽ سندس نيڪ خواهشون ان ڀيري به پاڪستان ٽيم سان گڏ آهن .

پاڪستان ٽيم کي ان کان اڳ بئنگلور ۾ به سٺي موٽ ملي هئي جتي هڪ ٻه اڻوڻندڙ واقعا به پيش آيا پر مداحن پاڪستاني رانديگرن لاءِ به نعرا هڻندا رهيا .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.