ڀارتي ۾ شاگرد اسرائيلي جارحيت خلاف روڊن تي نڪري آيا, پوليس سان چڪريون

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي راڄڌاني دهلي ۾ شاگرد اسرائيلي جارحيت خلاف روڊن تي نڪري آيا.
ڀارتي ميڊيا موجب دهلي پوليس اسرائيلي سفارتخاني ڏانهن مارچ ڪري ويندڙ پرامن مظاهرين تي حملو ڪري ڏنو،شاگردن تي تشدد ڪيو ۽ کين گرفتار به ڪيو.
شاگردن جو چوڻ هو ته ٻار مري رهيا آهن اسپتالن تي بمباري ٿي رهي آهي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ه وته فلسطيني ڪيترن ئي سالن کان نسل ڪشي کي منهن ڏئي رهيا آهن، گھڻن ملڪن جيان اسان جي حڪومت به خاموش تماشائي بڻيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.