گوگل ميپس ۾ بهترين فيچر شامل

گوگل جي مشهور سروس ميپس ۾ هڪ اهڙو فيچر اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو ڊگھي عرصي کان آءِ فون ڊوائيسز لاءِ دستياب هو.
عام طور تي گوگل طرفان ميپس جا نوان فيچر اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ پهريان متعارف ڪرايا ويندا آهن.
پر هڪ فيچر اهڙو آهي جيڪو آءِ فون واهپيدار ورهين کان استعمال ڪري رهيا هئا ۽ هاڻ وڃي اينڊرائڊ ڊوائيسز لاءِ ان کي متعارف ڪرايو پيو وڃي.
ريئل ٽائيم ويدر انفارميشن نالي فيچر سان ڪنهن کي لوڪيشن کي سرچ ڪندي اتان جي موسم بابت ڄاڻي سگھبو.
اهو فيچر ان وقت ڪم جو ثابت ٿيندو جڏهن اوهان ڪنهن جاءِ تي وڃڻ کان اڳ اتان جي موسم بابت به ڄاڻڻ جا خواهشمند هوندا.
ان فيچر تحت ڪنهن به لوڪيشن کي ميپس تي سرچ ڪيو ويندو ته اينڊرائڊ ڊوائيسز ۾ کاٻي پاسي مٿان اتان جو گرمي پد به نظر ايندو.
گرمي پد جي آئڪون تي ڪلڪ ڪري مختلف وقتن جي گرمد پد کي ڏسڻ ممڪن هوندو.
يعني ڪنهن به جاءِ جي موسم کي ڪنهن ٻي ايپ ۾ ڏسڻ جي ضرورت نه پوندي.
اهو نئون فيچر هن وقت محدود اينڊرائڊ واهپيدارن کي دستياب آهي.
ان ڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ڪيستائين ان کي سڀني واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.