ڇا اوهان پراڻا اينڊرائڊ فون استعمال ڪري رهيا آهيو ته بهتر آهي ته انهن کي تبديل ڪري ڇڏيو، نه ته واٽس ايپ استعمال ڪرڻ ممڪن نه هوندو.
جي ها واقعي آڪٽوبر جي آخري ڏهاڪي ۾ ڪيترن ئي اينڊرائڊ فونز لاءِ واٽس ايپ جي سپورٽ ختم ڪئي پئي وڃي.
24 آڪٽوبر کان پوءِ اينڊرائڊ 5.0 يا ان کان پوءِ جي آپريٽنگ ورجنز تي ڪم ڪندڙ فونز تي واٽس ايپ کي استعمال ڪرڻ ممڪن هوندو.
اهو اعلان واٽس ايپ جي ايف اي ڪيو پيج تي ڪيو ويو آهي.
ڪمپني موجب اڃا اينڊرائڊ 4.1 يا ان کان پوءِ جي آپريٽنگ سسٽمز تي واٽس ايپ کي استعمال ڪري سگھجي ٿو، پر 24 آڪٽوبر 2023ع کان پوءِ رڳو اينڊرائڊ 5.0 يا ان کان پوءِ جي ورجنز تي ئي ميسيجنگ ايپ لاءِ سپورٽ فراهم ڪئي ويندي.
يعني اينڊرائڊ 4.1 يا اينڊرائڊ 5.0 کان اڳ جي سڀني آپريٽنگ سسٽمز لاءِ واٽس ايپ سپورٽ ختم ڪئي ويندي.
واٽس ايپ پنهنجي ايف اي ڪيو پيج تي ٻڌايو ته جڏهن ڪنهن آپريٽنگ سسٽم لاءِ سپورٽ ختم ڪئي ويندي آهي ته واهپيدارن کي وقت کان اڳ آگاهه ڪيو ويندو آهي ۽ اپ گريڊ جو مشورو ڏنو ويندو آهي.
واضح رهي ته واٽس ايپ طرفان يوزر انٽرفيس ۽ پرائويسي سيٽنگز کي لاڳيتو بهتر ڪيو ويندو آهي، جنهن لاءِ اهڙا فيچرز متعارف ڪرايا ويندا آهن جيڪي ايپل ۽ اينڊرائڊ جي تازا ترين آپريٽنگ سسٽمز سان هڪجهڙائي رکندا هجن.
آءِ فون تي واٽس ايپ استعمال ڪندڙن لاءِ ڊوائسز ۾ آءِ او ايس 12 يا ان کان پوءِ جو ورجن گھربل هوندو آهي.
هونئن اڃا به گھڻن اينڊرائڊ فونز ۾ اينڊرائڊ 5.0 يا ان کان بعد جا ورجنز موجود آهن پر اهڙن پراڻن فونز جو انگ به گھٽ ناهي جن ۾ پراڻي آپريٽنگ سسٽمز کي استعمال ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته ان کان اڳ واٽس ايپ 24 آڪٽوبر 2022 تي آءِ او ايس 10 ۽ 11 تي ڪم ڪندڙ آءِ فونز لاءِ واٽس ايپ سپورٽ ختم ڪري ڇڏي هئي.