اسرائيل غزا جي وڌيڪ اسپتالن تي بمباري جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

غزا (ويب ڊيسڪ) والاريل فلسطين جي گهيريل شهر غزا جي ال آهلي اسپتال تي ميزائل حملي کانپوءِ اسرائيل وڌيڪ اسپتالن تي بمباري جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
هڪ انٽرويو ۾ فلسطيني هلال احمر جي ترجمان نيال فرسخ ٻڌايو ته اسرائيلي فوج مسلسل غزا پٽي جي اسپتالن کي خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏئي رهي آهي ۽ اسرائيلي جهاز غزا جي اسپتالن جي ڀرسان بمباري ڪري رهيا آهن.
هوڏانهن صحت جي عالمي اداري اسرائيل کان اهڙي وارننگ تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي، ڊبليو ايڇ او ترجمان موجب غزا جي سڀني اسپتالن کي خالي ڪرڻ تقريبن ناممڪن آهي.
ڊبليو ايڇ او ترجمان چيو ته ڪيترائي مريض وينٽي ليٽرن ۽ نوان ڄاول ٻار انڪيوبيٽرز ۾ آهن.
واضح رهي ته اسرائيلي جهازن گذريل رات القدس اسپتال کان رڳو 100 ميٽرن جي فاصلي تي 10 فضائي حملا ڪيا، جڏهن ته الشاف اسپتال جي ڀر ۾ به حملا ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.