سپريم ڪورٽ ۾ ملڪ رياض خلاف هڪ وڌيڪ درخواست داخل

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  سپريم ڪورٽ ۾ هڪ شهري راجا  هارون درخواست داخل ڪئي آهي ته برطانيا جي نيشنل ڪرائيم  ايجنسي ملڪ رياض جي مني لانڊرنگ ذريعي 190 ملين پائونڊ رقم برطانيا منتقل ٿيڻ بعد پڪڙي پاڪستان حڪومت کي رقم موڪلي جيڪا عوام کان ڦريل دولت هئي پر اها رقم پاڪستان حڪومت جي خزاني ۾ جمع نه ٿي ان بابت جاچ ڪري اها رقم  پاڪستان حڪومت جي خزاني ۾ جمع ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

نامياري صحافي عمران وسيم موجب وڪيل علي سبطين ذريعي درخواست داخل ٿي آهي، جنهن ۾ ملڪ رياض،  ان جي فرزند احمد رياض ، شهزاد اڪبر ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي ۽ ڄاڻايو ويو آهي ته 190 ملين پائونڊ  پاڪستان حڪومت جي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ بدران ملڪ رياض جي ڏنڊ واري رقم جمع ڪرائيندڙ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

ياد رهي ته اعليٰ  عدالت سنڌ ۾ زمينن  تي قبضن واري ڪيس ۾ ملڪ رياض تي 460 ارب رپين جو ڏنڊ وڌو هو. برطانيا مان ملڪ رياض جي پڪڙيل رقم ان ڏنڊ واري رقم ۾ جمع ڪرائي وئي هئي.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز سومر 23 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.