لاهور (عوامي آواز نيوز) نواز شريف جي گرفتاريءَ لاءِ به ادارن انتظام ڪري ڇڏيا هئا.
نامياري صحافي عمران شفقت موجب رياستي ادارن گرفتاريءَ جي ريهرسل به ڪري ڇڏي هئي. جيڪڏهن نواز شريف جي آجياڻي واري جلسي ۾ اميدن موجب عوام جي شرڪت نه هجي ها ته ڪجهه به ٿي سگهيو پئي ان لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ايجنسيون چوڪس هيون پر (ن) ليگ جديد ميڊيا جي سهاري ۽ استعمال سان مينار پاڪستان جو گرائونڊ ماڻهن سان ڀرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي ڪوشش هئي ته هو لبرٽري چوڪ تي ڪجهه ماڻهون گڏ ڪري رنگ ۾ ڀنگ وجهڻ جي ڪوشش ڪري پر ايجنسين کي ٻه ڏينهن اڳ ئي ڀڻڪ پئجي وئي هئي. ان ڪري جوان اهڙي ڪنهن حرڪت کي چٿڻ لاءِ به تيار هئا.
قانون لاڳو ڪندڙ جوانن کي ڏڦيڙين خلاف هوائي فائرنگ ڪرڻ يا پيرن ۾گولي هڻڻ جا اختيار به مليل هئا. ان بابت پي ٽي آءِ کي به خبردار ڪيو ويو هو. ان ڪري 21 آڪٽوبر تي لاهور ۾ هاءِ الرٽ هو.
نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز سومر 23 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي