پيپلزپارٽي مان جان ڇڏائڻي آهي، وسيلا وڪرو ڪيا پيا وڃن، عوام بک مري پيو: راشد محمود

ڪراچي/ حيدرآباد / سکر (نمائندن وٽان) جي يو آءِ سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ خيرپور کان سنڌ امن مارچ شروع ٿي ويو، مارچ جو مختلف شهرن ۾ استقبال ڪيو ويو، جلسا پڻ ڪيا ويا، جميعت علماءِ اسلام پاران ٺيڙھي شھر کان  امن مارچ جي قيادت  جي يو آءِ سنڌ جي صدر راشد خالد محمود سومرو مولانا سائين عبدالقيوم هاليجوي، مفتي سعود افضل هاليجوي، اسلم غوري، مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو ۽ ٻيا ڪري رهيا آهن،  امن مارچ ٺيڙھي شھر کان شروع ٿيو، ٺيڙهي ۽ سکر ۾ جلسن کي خطاب مولانا راشد محمود سومرو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ بد امني جي باهه ۾ سڙي رھي آھي، پيپلزپارٽي وارن اقتدار جي 15 سالن جي دوران ڪرپشن ڪري سنڌ کي کوکلو بڻائي ڇڏيو آھي، سنڌ جون قيمتي ايراضيون، معدني وسيلا وڪرو ڪيا پيا وڃن، سنڌ جي عوام کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي، سنڌ پوليس کي وانگاري بڻائي سنڌ جو امن امان ھٿ سان خراب ڪيو پيو و ڃي، ھنن چيو ته حڪومت جي غلط پاليسين سبب مهانگائي عروج تي آھي، بيروزگاري بک بدحالي عوام کان ٻن ويلن جي ماني به کسي ورتي آهي ، جلسي کي خطاب ڪندي راشد خالد محمود چيو ته سنڌ جي عوام کي مبارڪ باد ڏيان ٿو ، ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ اندر پيپلزپارٽي جو جي يو آئي ڀرپور مقابلو ڪندي سنڌ جي عوام کي گھرجي ته ھو پنھنجو قومي فريضو ( ووٽ) ذميداري ۽ سمھجداري سان ادا ڪن ته جيئن سنڌ جي معاشي قتل عام ڪندڙ پيپلزپارٽي مان نجات حاصل ڪري سگھجي، جيڪڏهن جي يو آءِ  کي سنڌ جو اقتدار ڏنو ويو ته ننڍي سرڪاري ملازم جي پگھار ھڪ تولو سون جي رقم برابر ھوندي ، نجي ملازم جي پگھار اڌ تولو سون جي برابر ڪئي ويندي. جي يو آءِ  ڌاڙيل ڪلچر جو مڪمل خاتمو ڪندي ، سنڌ پوليس ۾ مثالي سڌارا آندا ويندا ھن چيو ته اسان جي خواهش آھي ته سنڌ ۾ مفت تعليم مفت صحت جون سهولتون ڏنيون وڃن ، ھن چيو ته اھو ڏينھن پري ناھي جو جي يو آءءِ سنڌ ۾ صوبائي حڪومت ٺاھي سنڌ جي عوام جي خدمت ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.