حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ جي ساڃاھھ وندن، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ساک ختم ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي گذريل 15 سالن کان ساک سخت متاثر ٿيندي رھي آھي، گذريل ڪجھھ عرصي دوران عدالتن ڪميشن پاران ورتل امتحانن جي نتيجن کي رد ڪرڻ سان گڏ ڪميشن جي ڪردار تي وڏا سوال اٿاريا آھن، تازو ميونسپل آفيسرن جي ڀرتي لاءِ ورتل امتحان کانپوءِ جاري ڪيل نتيجن اھو واضع ڪري ڇڏيو آھي تھ ھي ادارو مڪمل طور تي وڏيرن، سردارن ۽ حڪمران جماعت جي ماڻھن جي خدمت جي لاءِ موجود آھي، اداري مٿان ڪرپشن ۽ سفارش جا سنگين الزام پيا لڳن. ان سلسلي ۾ ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي صدر ۽ اڳوڻي شاگرد اڳواڻ يوسف لغاري عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ھڪ خودمختيار ادارو آھي، ان جي مٿان سنگين نوعيت جا الزام لڳن ٿا جيڪا انتھائي ڳڻتي جوڳي ڳالھھ آھي. ھن تجويز ڏني تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ جيڪڏھن شفافيت آڻڻي آھي تھ پوءِ امتحان ۾ پيپرن کي جاچڻ ۽ زباني امتحان وٺڻ جي لاءِ ڪنھن سٺي ساک رکندڙ امتحان وٺندڙ اداري کي ٿرڊ پارٽي طور شامل ڪيو وڃي تھ جيئن امتحانن جا غير تڪراري نتيجا سامھون اچن ۽ ماڻھن جو پبلڪ سروس ڪميشن تي اعتماد بحال ٿي سگھي، ڇو تھ جيڪو ڪجھھ چند سالن کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ٿي رھيو آھي ان سان اداري جي ساک مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي آھي، متاثر ماڻھو توڙي ٻيون ڪيتريون ئي ڌريون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن ۾ ڪرپشن ۽ سفارش جھڙا الزام ھڻن ٿيون. ھن چيو تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميش ۾ لکت واري امتحان ۽ وائي واز جي طريقيڪار ۾ بھتري آندي وڃي تھ جيئن جنھن اميدوار جون جيتريون مارڪون ٿين اھي ان کي ھر صورت ۾ ملن، ڪنھن سان ناانصافي نھ ٿئي. نامياري صحافي توصيف احمد چيو تھ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي 15 سالن جي اقتدار واري دور ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ساک ختم ٿي وئي آھي، گذريل 15 سالن کان اھو ئي ٿيندو پيو اچي جيئن ميونسپل آفيسرن جي لاءِ ورتل امتحان کانپوءِ نتيجن جي صورت ۾ سامھون آيو آھي. ھن چيو تھ سنڌ ھاءِ ڪورٽ بھ ڪيترائي ڀيرا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ھدايتون جاري ڪري چڪي آھي، پر تنھن جي باوجود سڌارا نٿا اچن، ھر امتحان تڪراري بڻجي وڃي ٿو. ھن چيو تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سڌارا آڻڻ جي لاءِ ضروري آھي تھ ڪميشن جي جوڙجڪ تي ٻيھر غور ويچار ڪيو وڃي، نوان قانون بھ آندا وڃن، شفافيت جي لاءِ جديد ٽيڪنالوجي جي مدد سان امتحانن جي سڄي مرحلي جي نگراني ڪري سگھجي ٿي. نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي جيترا الزام لڳي رھيا آھن ان جو جواب بھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميش کي ڏيڻو آھي، جيڪڏھن ايس پي ايس سي جو چيئرمين ۽ ميمبر سمجھن ٿا تھ الزام غلط آھن تھ سنڌ جي ماڻھن آڏو ثبوتن ۽ دليلن سان وضاحت پيش ڪن ۽ پنھنجو پاڻ کي آجو ڪرائين ٻي صورت ۾ چيئرمين ۽ سمورا ميمبر استعفيٰ ڏئي ھليا وڃن. ھن چيو تھ اھا ڳالھھ تھ پڌري ٿيل آھي تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين ۽ ميمبر پيپلزپارٽي جا لڳرايل آھن ۽ گذريل وڏي عرصي کان سنڌ جي غريب ۽ مسڪين ماڻھن جي اولاد سان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ناانصافي ڪري رھي آھي ان مان ثابت ٿئي ٿو تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ھلائڻ وارن ان اداري کي ڪمائي جو گھر بڻائي ڇڏيو آھي. ھن چيو تھ امتحان وٺندڙ ادارن جي پنھنجي ساک سٺي ھجڻ گھرجي، اھو ضروري آھي تھ ان اداري کي ھلائيندڙ امتحان وٺندڙ آفيسر ايماندار ۽ تجربيڪار آھن يا نھ، ڪرپشن جا الزام ڪا معمولي ڳالھھ ناھي، ميونسپل آفيسر جي ٽيسٽ ڏيندڙ متاثر اميدوارن کي گھرجي تھ ھو ثبوتن سان گڏ عدالت ۾ پنھنجو ڪيس وڙھن. نامياري ليکڪ نصير ميمڻ چيو تھ اھا بدقسمتي جي ڳالھھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جھڙي اداري سنڌ ۾ جيئن پنھنجي ساک وڄائي آھي ائين ٻي ڪنھن بھ صوبي ۾ ان قسم جي اداري پنھنجي ساک نھ وڄائي ھوندي، اھڙي صورتحال تي ڳڻتي ۽ افسوس آھي. ھن چيو تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ساک ختم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي پڙھيل لکيل نوجوانن ۾ مايوسي پکڙي آھي ۽ ھنن جو ايس پي ايس سي تان اعتماد کڄي ويو آھي. ھن تجويز ڏني تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران تازو ورتل امتحانن جي نتيجن کي روڪي ھاءِ ڪورٽ جي جج جي نگراني ۾ ھڪ ڪميٽي ٺاھي وڃي، جيڪا امتحان جي سڄي مرحلي ۽ نتيجن جي شفافيت تي اٿندڙ اعتراضن ۽ سوالن جي جاچ ڪري جيڪڏھن ان جاچ ۾ بدعنواني ثابت ٿئي ٿي تھ پوءِ اداري جي چيئرمين ۽ ميمبرن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي، باقي آئون اداري کي بند ڪرائڻ واري ڳالھھ سان سھمت ناھيان، اداري کي بند ڪرائڻ بجاءِ اداري ۾ شفافيت آڻڻ جي لاءِ عدالت جي نگراني ۾ نظام جڙڻ گھرجي.
نتيجن جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي آهي: پي آر او
حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي پي آر او حفيظ الله ڪاڪا چيو آھي تھ ايس پي ايس سي پاران ميونسپل آفيسرن جي پوسٽ جي لاءِ ورتل امتحان جو نتيجو پڌرو ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آھي. جاري ڪيل بيان ۾ ھن چيو تھ نتيجا جاري ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڪجھھ ماڻھو ايس پي ايس سي تي بي بنياد الزام ھڻي رھيا آھن، نتيجا لکت ۽ زباني امتحان ۾ بھترين ڪارڪردگي جي بنياد تي جاري ڪيا ويا آھن، ناڪاري سوچ وارا ماڻھو پبلڪ سروس ڪميشن خلاف محاذ کولڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، پر اھي ڪاميابي حاصل نھ ڪري سگھندا.
ايس پي ايس سي جي نتيجن خلاف اڄ پٽيشن داخل ٿيڻ جا امڪان، سجاد چانڊيو، سهيل ميمڻ ۽ ٻين سان مشورا
حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميونسپل آفيسر جي پوسٽ جي لاءِ ورتل امتحان جي نتيجن خلاف متاثر اميدوارن پاران سجاد احمد چانڊيو، سھيل ميمڻ، راجا جواد ساھڙ سميت ٻين وڪيلن سان پٽيشن داخل ڪرائڻ جي حوالي سان ٿيل ڳالھھ ٻولھھ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڪجھھ ماڻھو اھا دعويٰ ڪئي آهي ته اڄ نتيجن ۽ ڪميشن جي اقربا پروري خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ٿي ويندي، واضح رهي ته ٽيسٽ ۾ 90 کان مٿي مارڪون کڻندڙن کي انٽرويو ۾ فيل ڪيو ويو آهي.
حيدرآباد ۾ اڄ متاثرن جي حق ۾ مظاهرا
حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميونسپل آفيسرن جي پوسٽن جي لاءِ ورتل امتحانن جي نتيجن خلاف متاثر ٿيندڙ اميدوارن توڙي انھن سان ھمدردي ڪندڙ ماڻھن پاران سوشل ميڊيا تي اھو اعلان ڪيو پيو وڃي تھ اڄ حيدرآباد پريس ڪلب ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس آڏو الڳ الڳ احتجاجي مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا ويندا. ان سلسلي ۾ مختلف ماڻھو ٻن ڏينھن کان اھڙيون پوسٽون شيئر ڪري رھيا آھن جنھن ۾ اعلان ڪيو پيو وڃي تھ اڄ سومر جي ڏينھن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس ۽ حيدرآباد پريس ڪلب سامھون ميونسپل آفيسرن جي پوسٽن جي لاءِ ورتل امتحانن جي نتيجن خلاف احتجاج ڪيو ويندو.
ايس پي ايس سي جا تڪراري نتيجا، سوشل ميڊيا تي ڪرپشن جا الزام
حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميونسپل آفيسر جي پوسٽ جي لاءِ ورتل امتحان جا نتيجا پڌرا ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويا آهن. مختلف ماڻهن پاران سوشل ميڊيا تي پئسن عيوض نتيجن ۾ ڦير ڦار توڙي ڪامياب نھ ٿيندڙ اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ جي حوالي سان ڪرپشن ڪرڻ جون دعوائون ڪري رھيا آھن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي مصطفيٰ مھيسر نالي آءِ ڊي تان پوسٽ ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته ڀروسي جوڳن ذريعن موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تازي اسڪينڊل ۾ 5 سئو ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ٿي آھي جڏهن ته صحافي عاجز جمالي لکيو ته نوابشاھھ جي ھڪ ئي خاندان جا 6 ميونسپل آفيسر بڻجي ويا، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جو ڪمال. نويد علي لکيو تھ ڳالھھ سمجھھ کان زور، نھ ميڊيڪل جي ٽيسٽ ۾ ميرٽ نھ وري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ آھي، آخر غريب ڪيڏانھن وڃي. نثار لغاري پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اندر ڪرپشن، اقربا پروري يعني پنھنجا نوازي کي پھريون ڀيرو ٿر جي ليکڪ رام اوڏ وائکو ڪيو ھو، ھن وقت جيڪو ڪرپشن جو وڏو اسڪينڊل ڦاٽو آھي ان جو ڪريڊٽ رام اوڏ کي آھي. سنڌ ويزن نالي ڊي تان شيئر ڪيل پوسٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ڪميشن جي امتحان ۾ پاس ٿيندڙن جا ڊوميسائيل ويريفاءِ ڪيا وڃن، ڪيترائي جعلي نڪرندا، آفريدي ڪڏھن سنڌ جي ٻھراڙي ۾ رھن ٿا. محمد پريل مري لکيو تھ سنڌ جي سياسي ۽ حقن واري جدوجھد جون ٻھ شخصيتون سھيل ميمڻ ۽ سجاد احمد چانڊيو پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران تازو ٽي ايم اوز جي نوڪرين ۾ ٿيل بي قائدگين ۽ اقربا پروري خلاف عدالتن ۾ ڪيس داخل ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪجي ٿي، دوستن کي گذارش آھي تھ ان سلسلي ۾ ٻنھي ڄڻن جي مدد ڪن. وڪيل سليمان ڏاھري لکيو تھ اٺ تڏھن پئي رڙيا جڏھن ٻورا پئي سبيا، ھاءِ ڪميشن؛ منھنجي ڌيءُ کي 2013ع ۾ ايڪنامڪس ۽ ھاڻ سنڌي ۾ لکت واري ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود فيل ڪيائون.