لنڊن (ويب ڊيسڪ) يوٽيوب اسٽار ۽ اڳوڻي برطانوي باڪسر عامر خان جي زال فريال مخدوم کي مظلوم فلسطينين جي حمايت تي سنگين نتيجن جو ڌمڪيون ملي رهيون آهن.
فريال انسٽاگرام تي پنهنجو موبائيل فون جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيوآهي جنهن ۾ کيس اسرائيلي نمبر تان ڌمڪي جو پيغام مليو آهي.
فريال مخدود لکيوته هن کي اها گذريل رات ملي آهي ۽ ان جي ذريعي کيس سچ سامهون آڻڻ کان روڪيو پيو وڃي.
عامر خان جي زال غزا تي اسرائيلي حملن جي شروعات کان ئي سوشل ميڊيا تي مظلوم فسلطينين لاءِ گھڻي سرگرم آهي ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ پوسٽون ڪندي رهندي آهي.