غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي جهازن جي بمباري ۾ والاريل فلسطين جي علائقي غزا جي ناليواري مصنفه، شاعرا ۽ ناول نگار حبا ابوندا به شهيد ٿي وئي.
غزا ۾ اسرائيل جا حملا جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي جهازن جي بمباري ۾ 266 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جنهن کانپوءِ شهيدن جو مجموعي انگ 4 هزار 651 ٿي ويو آهي.
غزا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ شهيد فلسطينين ۾ 117 ٻار شامل آهن، جڏهن ته اسرائيلي حملن سان غزا ۾ 14 هزار 245 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي پيا آهن.
20 آڪٽوبر تي اسرائيلي بمباري ۾ غزا جي مشهور مصنفه، شاعرا ۽ ناول نگار حبا ابوبنا به شهيد ٿي وئي.
32 ورهين جي حبا ابوندا ”آڪسيجن از ناٽ فار دا ڊيڊ“ نالي ناول لکيو هو.
هن شهادت کان هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي لکيو هو ته جيڪڏهن اسان مري وڃون ته ڄاڻي ڇڏيو اسان ثابت قدم ۽ سچا آهيون.
”اسان مري وڃون ته ڄاڻي ڇڏيو ثابت قدم ۽ سچا آهيون“ غزا جي ناليواري شاعرا به بمباري ۾ شهيد
Next Post
You might also like