ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي ميڊيا چيو آهي ته غزا جي اسپتال تي بمباري اسرائيل ڪئي اسرائيل پروپيگينڊا ڪري رهيو آهي ته اسپتال تي حماس جو راڪيٽ ڪريو.
روسي پرڏيهي وزير جو چوڻ هوته آمريڪا غزاجي سيٽلائيٽ تصوير سامهون آڻي سگھي ٿو بائيڊن سان ڪوسيٽلائيٽ جي ڳالهه ڇو نٿو ڪري.
آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين اسرائيل ڪلين چٽ ڏيندي چيو ته تصوير جي فرانزڪ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو اسرائيل جو حملو نه هو.
روسي صدر والاديمير پيوٽن غزا جي اسپتال تي اسرائيل طرفان ڪيل وحشياڻي بمباري کي وڏي تباهي قرار ڏئي ڇڏيو.
پيوٽن چيو ته اسپتال تي ٿيل بمباري تڪليف ڏيندڙ منظر آهي، سوين ماڻهو مارجي ويا ڪيترائي زخمي ٿيا جيڪا وڏي تباهي آهي.
هن چيو ته آئون پراميد آهيان ته اهو جنگ کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ جو اشارو هوندو، ان جي ابتڙ اسان کي ڳالهين ۽ رابطن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
Next Post
You might also like