سکر (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جو ”امن مارچ“ ڪراچي ڏانهن روان دوان آهي، پارٽي جي صوبائي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومري جو چوڻ آهي ته عوام سان گڏجي سنڌ ۾ امن قائم ڪرائينداسين.
جي يو آءِ (ف) جو اڄ کان شروع ٿيندڙ امن مارچ سنڌ جي مختلف ضلعن کان ٿيندو ٻه نومبر تي ڪراچي ۾ پڄاڻي تي پهچندو.
امن قافلي جي قيادت جي يو آءِ جو صوبائي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو ڪري رهيو آهي، سکر پريس ڪلب سامهون مارچ سان خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ جي عوام کي 15 سالن کان حقن کان محروم رکيو ويو.
هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائمز، ڀنگ لاءِ اغوا سميت لاقانونيت عروج تي آهي، عوام کي دعوت ڏئي رهيو آهيان ته اسان سان گڏجي امن جو جهنڊو کڻي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪيون ٿا ۽ جي يو آءِ فلسطينين سان گڏ بيٺي آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like