غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل طرفان ٻارڻ ۽ بجلي جي بندش سبب غزا ۾ وقت کان اڳ ڄاول 130 ٻارن جو حياتيون خطري ۾ پئجي ويون آهن.
اسرائيل جي غزا تي جاري بمباري اولهه ڪناري کي کنڊر جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي. 60 سيڪڙو عمارتون ملبي ۾ تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ شهيدن جو انگ ساڍا چار هزار کان به وڌي چڪو آهي جن مان اڌ کان وڌيڪ انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي.
بدترين انساني صورتحال ۾ غزا ۾ ڄاول 130 ٻارن جون حياتيون خطري ۾ آهن ۽ غزا جي ڊاڪٽرن دنيا کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن جلد ٻارڻ اسپتالن ۾ نه پهتو ته وڌيڪ ٻارن جون حياتيون ختم ٿي سگھن ٿيون.
You might also like