ڀارتي عدالت پاڪستاني فنڪارن تي پابندي جي درخواست رد ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) هڪ اهم فيصلي ۾ ممبئي هاءِ ڪورٽ پاڪستاني فنڪارن تي انڊيا ۾ ڪم ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.
عدالت ۾ پٽيشن هڪ سينيما ورڪر فيض انور قريشي طرفان داخل ڪرائي وئي هئي جنهن ۾ انڊين حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو هو ته پاڪستاني فنڪارن تي انڊيا ۾ ڪم ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي.
ڀارتي ميڊيا موجب هاءِ ڪورٽ درخواست کي رد ڪندي امن کي هٿي ڏيڻ ۽ ثقافتي هم آهنگي کي فنڪارن ذريعي پکيڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته آرٽ، ميوزڪ، اسپورٽس، ڪلچر ۽ ڊانس اهڙيون سرگرميون آهن جن کي قوميت کان مٿانهون هجڻ گھرجي ۽ انهن کي معاشري جي اندر امن ۽ اتحاد ذريعي پکيڙڻ گھرجي.
فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته محب وطن هجڻ جو مطالب پاڙيسري ملڪ سان نفرت ۽ دشمني ناهي پر سچ محب وطن اهو آهي جيڪو بي لوث ٿي پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.