اڀرندڙ نوجوان صائم ايوب جي شاندار ڊبل سينچري، وڊيو ڏسو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قائداعظم ٽرافي جي فائنل ۾ ڪراچي وائٽس جي نمائندگي ڪندڙ صائم ايوب فيصل آباد خلاف شاندار ڊبل سينچري اسڪور ڪري ورتي.
قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ فيصل آباد ٽاس کٽي ڪراچي وائٽس کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، خرم منظور رڳو 3 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.
ان موقعي تي صائم ايوب ۽ شان مسعود ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور 382 تائين پهچائي ڇڏيو، ٻنهي ٻي وڪيٽ لاءِ 367 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي.
صائم ايوب 244 بالن تي 200 رنسون اسڪور ڪيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو، سندس اننگز ۾ 22 چوڪا ۽ 2 ڇڪا شامل هئا، اها فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ سندس ٻي سينچري آهي، پهرين سينچري هن هلندڙ ٽورنامينٽ ۾ ئي ملتان خلاف اسڪور ڪئي هئي ۽ 142 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو هو.
شان مسعود 180 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي ڪراچي وائٽس فيصل آباد خلاف 398 رنسون ٺاهي ورتيون، صائم ايوب 200 ۽ عمير بن يوسف 2 رنسن سان ڪريز تي موجود رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.