ناڪامين جو اعتراف ڪيون ٿا پر واپسي ڪنداسين: امام شوقينن جي اميد جاڳائي ڇڏي

چنئي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر امام الحق چيو آهي ته اسان آخري ٻئي ميچون سٺيون نه کيڏيون سين پر سڀاڻي افغانستان خلاف ٽيم نئين انداز ۾ نظر ايندي.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجون ايندڙ ٻه ميچون کيڏڻ لاءِ چنئي پهچي وئي آهي، جتي ان جو سڀاڻي افغانستان ۽ جمعي تي ڏکڻ آفريقا سان مقابلو ٿيندو.
ميچ کان اڳ اوپننگ بيٽر امام الحق چنئي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعتراف ڪيو ته اسان گذريل ٻئي ميچون سٺيون نه کيڏيون سين پر واپسي ڪنداسين ۽ سڀاڻي افغانستان خلاف ٽيم مختلف انداز ۾ نظر ايندي.
هن چيو ته اسان فيلڊنگ به خراب ڪئي ۽ اهم موقعن تي ڪيچ وڃاياسين، پريڪٽس ڪري رهيا آهيون ۽ ڪوشش ڪنداسين ته غلطين مان سکون.
سندس چوڻ هو ته رڳو اسان جي ٽيم جي بالرن کي نه پر سڀني بالرن کي ڪٽڪو ملي رهيو آهي، هن وقت اسان جو اهو ئي فوڪس آهي ته سڀاڻي افغانستان خلاف ميچ کٽڻي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.