ڪاجول سان حادثو، ذري گهٽ بچي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ڪاجول جي هندو مذهب جي هڪ خاص تقريب دوران اسٽيج تان لهندي ڪرڻ جي وڊيو سندس مداحن کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

سپر هٽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ اداڪارا ڪاجول جي پنهنجي پٽ يوگ سان گڏ هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪاره ڪاجول هڪ تقريب ۾ موجود آهي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته تقريب ۾ اسٽيج تان هيٺ اچڻ وقت ڪاجول جو پير سلپ ٿي وڃي ٿو پر پت کيس بچائي وٺي ٿو.

اهو سچ آهي ته ڪاجول پير ٿاٻڙجڻ سبب ڪرڻ واري هئي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by F I L M Y G Y A N (@filmygyan)

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي هڪ سوشل ميڊيا واهپيدار لکيو ته انهن اداڪارائن جو اهو رجحان بڻجي ويو آهي ته اهي ڪيمرا جي سامهون ڪرڻ جو ڊرامو ڪن ته جيئن ملڪي ۽ پرڏيهي ميڊيا ۾ خبرون ٺهن.

هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته اهو واقعو مشهور ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.