عون چوڌري، نواز شريف جي آجيان ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف جي ايئرپورٽ تي آجيان ڪرڻ ويل استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ عون چوڌري پارٽي کي وضاحت پيش ڪري ڇڏي.
عون چوڌري شوڪاز نوٽيس جي جواب ۾ موقف پيش ڪيو آهي ته نواز شريف جي آجيان لاءِ ذاتي حيثيت ۾ ويو هيس، مان اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جي ڪابينا جو حصو رهيو آهيان.
هن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف سان ذاتي لاڳاپا آهن، سياست کانپوءِ انساني ۽ ذاتي لاڳاپا آهن، ن ليگ قائد سان ذاتي لاڳاپا گهڻا پراڻا آهن.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن عون چوڌري اڳوڻي وزيراعظم جي آجيان لاءِ ايئرپورٽ پهتو هو، جنهن کانپوءِ پارٽي کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.