آءِ پي پي جي غلام سرور کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت

لاهور (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي پي ٽي آءِ جي اڳوڻي وزير غلام سرور کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب آءِ پي پي سربراهه جهانگير ترين سان غلام سرور جون ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿي چڪيون آهن پر غلام سرور کي پنهنجي تڪ ۾ چوڌري نثار جي فيصلي جو انتظار آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جهانگير ترين جي غلام سرور سان اسلام آباد ۾ گذريل هفتي به ملاقات ٿي.
ذريعن موجب آءِ پي پي جو اسلام آباد مان تحريڪ انصاف جي هڪ اڳوڻي ايم اين اي سان به رابطو آهي پر اڳوڻو ايم اين اي آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهڻ ۾ دلچپسي رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.