چاچي هٿان ڀائٽيو ڇرين جا وار ڪري قتل

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي مناوان جي رحمت ٽائون چاچي ڇرين جا وار ڪري ڀائيٽي کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب مقتول 25 ورهين جو عمران اليڪٽريشن جو ڪم ڪندو هو، مقتول جو پنهنجي چاچي سان تڪرار هو، چاچي ڇرين سان حملو ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو.
پوليس موجب واقعي واري هنڌان فرانزڪ ٽيمن جي مدد سان شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن، مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ مردا خاني منتقل ڪيو ويو آهي، واقعي پيسن جي ڏيتي ليتي جي تڪرار سبب پيش آيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.