ايران ۾ ٻن عورت صحافين کي قيد جي سزا

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران صحافڻين نيلوفر حامدي ۽ الهه محمد کي رياست ۽ قومي سلامتي جي خلاف ڪم ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ترتيبوار 13 ۽ 12سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
ايران جي سرڪاري خابرو اداري موجب ٻنهي صحافڻين تي آمريڪي حڪومت تي آمريڪي حڪومت سان گڏجي قومي سلامتي جي ابتڙ سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جا الزام ثابت ٿين تي سزائون ٻڌايون ويون.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پهرين ڪيس ۾ دشمن ملڪ آمريڪا سان گڏجڻ تي نيلوفر حامدي کي ست سال ۽ الهه محمدي کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
اهڙيءَ طرح قومي سلامتي جي خلاف ڪم ڪرڻ جي ٻئي الزام ۾ پنج پنج ۽ نظام جي خلاف پروپيگينڊا ڪرڻ جي ڏوهه ۾ هڪ هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
واضح رهي ته نيلوفر حامدي کي ان وقت حراست ۾ ورتو ويو هو جڏهن هن تهران جي هڪ اسپتال ۾ مهسا اميني جي والدين جي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائيندي تصوير ڪڍي وئي جنهن کان پوءِ مهسا اميني جو حراست ۾ موت وارو واقعو سڄي دنيا ۾ اجاڳر ٿيو هو.
اهڙيءَ طرح الهه محمدي کي سندس ڪُرد اباڻي شهر ساقير ۾ مهسا اميني جي جنازي ۽ ان کان پوءِ ٿيل احتجاجي مظاهري جي ڪوريج ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو.
ٻنهي عورت صحافين کي ان فيصلي جي خلاف اپيل جو حق ڏنو ويو آهي. پر ٻنهي جي وڪيلن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.