اصل ماکي جي سڃاڻپ ڪيئن ڪجي؟

ماکي کي صحت لاءِ گھڻو فائديمند قرار ڏنو ويندو آهي.

ماکي ۾ کنڊ، پروٽين، نامياتي ايسڊز ۽ ٻين مرڪبن جو اهڙو پيچيدا ميلاپ هوندو آهي جيڪو صحت لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو آهي.

کنگهه جي روڪٿام سوڌو ٻين مرضن کان تحفظ لاءِ ماکي بهترين هوندي آهي.

ڪولسٽرول، سوڊيم ۽ سڻڀ کان پاڪ ماکي کي گھڻو ڪري کنڊ جو صحتمند متبادل به قرار ڏنو ويندو آهي.

پر خالص ماکي حاصل ڪرڻ سولو ناهي هوندو ڇو جو ملاوٽ ٿيل ماکي به بازار ۾ عام ملندي آهي.

پر سٺي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه عام طريقن سان اوهان اصلي ماکي جي سڃاڻپ ڪري سگھو ٿا.

آڱوٺي سان جاچيو

ماکي جي ٿوري مقدار کي آڱوٺي تي لڳايو ۽ ڏسو ته اها پاڻي يا ٻي پاڻياٺ جيان هيٺ ڪري ٿي.

جيڪڏهن هيٺ ڳڙي ٿي ته پوءِ اها اصل ناهي، ڇو جو گھاٽو هجڻ ڪري ان جو هيٺ ڳڙڻ جو امڪان گھٽ هوندو آهي.

پاڻي کان مدد وٺو

هڪ گلاس پاڻي ۾ هڪ چمچو ماکي وجهي ڇڏيو.

جيڪڏهن ماکي پاڻي ۾ گڏجي وڃي ته ملاوٽ ٿيل هوندي.

خالص ماکي گھڻي گھاٽي هوندي آهي ۽ اها پاڻي ۾ گڏجڻ بدران گلاس جي تهه ۾ هلي ويندي آهي.

سرڪو

سرڪي جي پاڻي ۾ ماکي جو ٿورو مقدار مڪس ڪريو.

جيڪڏهن مڪسچر ۾ گِج بڻجي وڃي ته ان جو مطلب اهو آهي ته ماکي اصلي ناهي.

تيل سان جاچيو

ماچيس جي تيلي کي ماکي ۾ ٻوڙي ٻاريو، جيڪڏهن اها سرٻري وڃي ته ان جو مطلب آهي ته ماکي خالص آهي.

گرم ڪري ڏسو

جيڪڏهن ماکي گرم ٿيڻ تي گج جيان ٿي وڃي ته ان جو مطلب آهي ته اها ملاوٽ ٿيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.