انتقامي سياست جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي: صحافي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر صحافي سهيل ورائچ نواز شريف جي واپسي تي ٻه اهم ترين رخ بيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سياست بابت ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي ته اهي ڪيڏانهن وڃي رهي آهي، گھٽ ۾ گھٽ اڄ سياست جي نئين سر شروعات ٿي آهي.
سهيل وڙائچ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته ائين لڳي رهيو آهي ته انتقامي سياست جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، پهريان بينظير ۽ نواز شريف ۾ رهيو، هاڻي نواز شريف، زرداري ۽ عمران وچ ۾ شروع ٿي ويو آهي، اهو انتقاف ۽ نفرت جو سلسلو ڪڏهن ختم ٿيندو، اڄ نواز شريف کي ان معاملي تي اهو ئي سيٽل ڪرڻ آهي ته هو ملڪ ڪيڏانهن وٺي وڃڻ چاهي ٿو، هو به عمران خان سان اهو ئي ڪندو جيڪو هن سان ڪيو ويو. بينظير جڏهن پاڪستان آئي ته هن مفاهمت جي نالي سان ڪتاب لکيوهو، اڄ اهو به فيصلوٿيڻ آهي ته اسان مفاهمت ڏانهن وينداسين يا نفرت ڏانهن، نواز شريف کي ان حوالي سان ليڊ رول ادا ڪرڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.