ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته هر ذريعن وٽ ڪنهن به واقعي جا مختلف انگ اکر هوندا آهن پر انهن مان ڪجهه انگ واضح اندازو لڳائڻ لاءِ ڪافي هوندا آهن.
دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا ٿي گذريا آهن جڏهن وڏي پئماني تي ماڻهو گڏ ٿيندا آهن. ٿي سگهي ٿو ته ٻيا به واقعا ٿي گذريا هجن پر جيڪي انگ اکر رپورٽن ۾ ايندا آهن انهن مطابق تفصيل هيٺ ڏئي رهيا آهيون.
ڪنڀ ميلو ياترا، ڀارت، 2013
هن تقريب دوران 3 ڪروڙ هندو ياتري پهتا هئا.
اربين فيسٽيول، عراق 2014
ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ سڄي دنيا مان هڪ ڪروڙ 70 لک ماڻهو پهتا هئا.
سي ايم انادورائي جون آخري رسمون، ڀارت، 1969
هڪ ڪروڙ 50 لک ماڻهو تامل ناڊو ۾ اڳوڻي وڏي وزير جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ پهتا هئا.
آيت الله خميني جون آخري رسمون، ايران، 1989
تقريبن هڪ ڪروڙ ماڻهو ايراني سياسي اڳواڻ جي آخري رسمن لاءِ پهتا.
فلپائن ۾ پوپ جي گڏجاڻي، 2015
منيلا ۾ پوپ کي ڏسڻ لاءِ 60 لک ماڻهو پهتا جنهن سان اڳوڻي پوپ گڏجاڻي رڪارڊ ٽٽي ويو هو.
نوجوانن جو عالمي ڏينهن، 1995
فلپائن ۾ هن تقريب دوران 50 لک ماڻهن شرڪت ڪئي.
راڊ اسٽيورٽ ڪنسرٽ، ريو ڊي جينيرو، 1994
35 لک ماڻهن ڪنسرٽ ۾ شرڪت ڪئي هئي.
حج جي ادائيگي، مڪو شريف، سعودي عرب، 2012
سڄي دنيا مان 30 لک ماڻهو حج ادا ڪرڻ لاءِ پهتا هئا.
اوئاسس ايٽ نيبورٿ ڪنسرٽ، 1996
هن ڪنسرٽ ۾ پنج لک ماڻهن شرڪت ڪئي.
هائيڊ پارڪ ان رولنگ اسٽون، 1969
هن ڪنسرٽ ۾ به پنج لک ماڻهن شرڪت ڪئي هئي.