اڳوڻي آرمي چيف جو ويجهو مائٽ ايف آءِ اي جي ريڊار تي اچي ويو، جاچ شروع

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي اينٽي مني لانڊرنگ سرڪل اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باوجوا جي سنڍو صابر مٺو خلاف انڪوائري شروع ڪري ڇڏي ۽ کيس 23 آڪٽوبر تي طلب ڪيو ويو آهي.
صابر حميد کي اڪائونٽس ۾ شڪي ۽ وڏي پيماني تي ٿيل ٽرانزيڪشن تي طلب ڪيو ويو آهي ۽ کيس 23 آڪٽوبر تي 11 وڳي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ايف آءِ اي موجب صابر حميد جي 19 اڪائونٽس جو انڪشاف ٿيو آهي، جن مان 14 پاڪستاني ۽ 5 فارن اڪائونٽس شامل آهن، صابر حميد جي 19 اڪائونٽس ۾ 5.14 بلين جي ٽرانزيڪشن ڪئي وئي.
ايف آءِ اي بينڪ اڪائونٽس ۽ پرڏيهه دورن جو به رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، صابر حميد کي ذاتي، زال ۽ ٻارن جي نالي تي پاڪستان ۽ پرڏيهه ۾ خريد ڪيل غير ملڪي ڪرنسي جو رڪارڊ گڏ آڻڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.
جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ پرڏيههه آف شور ڪمپنين جو به رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي، ذاتي حيثيت ۾ پيش نه ٿيڻ تي قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.