ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ جي ابتڙ وچ اوڀر ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
وچ اوڀر ۾ جنگ جي خدشن سبب تيل جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي ۽ منافعي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، ان سان ايشيا ۾ تيل جو واپار هڪ سيڪڙو وڌي ويو آهي.
ماهرن موجب ڪچي تيل ۾ رسڪ پريميم جو خطرو هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي ويو آهي، جيستائين حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ عروج تي رهندي تيستائين ڪچي تيل جي اگهن ۾ ڇڪتاڻ جي خدشن تي وڌيڪ واڌ جو خطرو برقرار رهندو.