جوابدار نواز شريف جو جلسو مايوس ڪندڙ هو: پيپلز پارٽي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارتي جي سيڪريٽري اطلاعات فيصل ڪريم ڪنڊ مينار پاڪستان تي ٿيل مسلم ليگ ن جي جلسي کي مايوس ڪندڙ ۽ نواز شريف کي جوابدار قرار ڏيندي چيو آهي ته نواز شريف جي تقريب ۾ موقف بدران پنهنجي سي وي پيش ڪئي آهي.
پ پ ميڊيا سيل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هڪ جوابدار (نواز شريف) جا فنگر پرنٽس پروٽوڪول سان وٺڻ عدليا جي ساک تي سواليا نشان آهي.
هن چيو ته نواز شريف پنهنجي تقرير۾ اليڪشن ڪرائڻ جي حوالي سان ڪجهه به نه چيو، هڪ لاڏلي کي جيل ۾ وڌو ته ٻيو لاڏلو ٻاران اچي ويو، نواز شريف وڏو يو ٽرن وٺي ڇڏيو آهي، پاڪستان اچڻ کان اڳ ٻيو ۽ هاڻي ٻيو نظر آيو.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پاڪستان جي موجودا تباهي جو ذميوار به اهو ئي (نواز شريف آهي، جوابدار کي کي پروٽوڪول سان پاڪستان آڻڻ انصاف جو جنازو ڪڍڻ جي برابر آهي).
پ پ پنجاب جي جنرل سيڪريٽري حسن مرتضيٰ نواز شريف جي جسلي تي تبصرو ڪندي چيو ته نواز شريف جو مينار پاڪستان ۾ جلسو مايوس ڪندڙ رهيو. ماڻهو جلسي ۾ آيا نه پر انهن کي گڏ ڪيو ويو. نواز شريف جي تقرير ليڊر بدران هڪ قيدي جي ظاهر ٿي.
هن چيو ته نواز شريف جي تقرير ۾ اليڪشن جو ذڪر نه ٻڌي افسوس ٿيو، نواز شريف جو جلسو 2007ع ۾ بينظير ڀٽو جو مقابلو نٿو ڪري سگھي، جلسي ۾ سرڪاري ملازمن کي آڻڻ جي روايت برقرار رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.