ڳورهاري عورتن ۾ آئرن جي کوٽ هڪ عام پر ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه هوندي آهي، ڇو ته اها ماءُ توڙي پيٽ ۾ موجود ٻار جي صحت جي مختلف مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿي. جسم ۾ رت کي وڌائڻ ۽ پيٽ ۾ وڌندڙ ٻار کي گهربل مقدار ۾ آڪسيجن فراهم ڪرڻ جي لاءِ اميدواري دوران آئرن جو مناسب مقدار ضروري هوندو آهي. رت جي کوٽ کي روڪڻ ۽ ٻار جي صحتمند واڌ ويجهه جي لاءِ ڊاڪٽر آئرن سپليمينٽس به ڏيندا آهن.
آئرن جي کوٽ جي ڪري جسم گهربل مقدار ۾ رت جا گهاڙا جزا ناهي ٺاهيندو ڇو ته جسم کي رت ٺاهڻ لاءِ آئرن جي ضرورت هوندي آهي جيڪا رت جي ڳاڙهن جزن کي آڪسيجن جي فراهمي ۾ به مدد ڪندي آهي.