سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڏوڪري ڀرسان امروٽ ٻيلي ۾ ٻيلي کاتي ڪارروائي ڪندي ٽي سئو ايڪڙ سرڪاري زمين تان پوليس جي مدد سان قبضو ختم ڪرايو ويو آهي.
سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڊي ايف او لاڙڪاڻو مالڪ ڏنو ملاح،ڊي ايس پي باقراڻي جي اڳواڻي ۾ پوليس جي مدد سان امروٽ ٻيلي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي.
ڪارروائي دوران غير قانوني طور 3 سوَ کان وڌيڪ سرڪاري زمين تي ڪارروائي ڪري قبضو ختم ڪرايو.
ھيوي ڪرينن جي مدد سان غير قانوني ٽيوب ويل ھٽائي، ربيع جي فصل لاءِ ڪيل تياري ختم ڪئي وئي.
ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر مالڪ ڏنو ملاح جو چوڻ هو ته ربيع جي فصل جي تياري پڻ ٽريڪٽر جي مدد سان ختم ڪرائي وئي.ڪارروائي ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪئي پئي وڃي، جيستائين ٻيلي کاتي جي زمين تان غير قانوني قبضو نٿو ختم ڪرايو وڃي تيستائين ڪارروايون جاري رکيون وينديون.