ڏوڪري: مقتول نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاج

ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سامٽيا ۾ اڍائي سال اڳ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل ڳوٺ محمد خان چانڊيو جي رهواسي نوجوان مير محمد چانڊيو جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا، سندس وارثن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

مقتول جي وارثن عاشق چانڊيو، امڙ لعل خاتون، ڀائٽي ساجن چانڊيو ڪندي ميديا کي ٻڌايو ته اسان جي نوجوان ڀاء کي هٿياربند ڏينهن ڏٺي جو سر عام قتل ڪري ويا هئا واقعي جو سيهڙ ٿاڻي تي 4 جوابدارن خلاف قتل ڪيس داخل ٿيل آهي.

هنن چيو ته جوابدار بااثر هجڻ ڪري قانون جي پڪڙ ۾ نہ ٿا اچن. پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي، جنهن ڪري اڄ تائين انصاف نہ ٿو ملي.

هنن چيو تہ ايس ايس پي لاڙڪاڻي جي کليل ڪچهري ۾ جوابدارن ۽ پوليس خلاف اهڙي شڪايت به ڪئي هئي پر ان باوجود قاتلن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن نگران سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي تہ نوجوان جي قاتلن کي  گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.