گوبي جا فائدا خبر هجي ته روز کائو!

گوبي جي سبزي گهڻي قدر ننڍي ٻارن کي گهٽ وڻندي آهي، اهو ئي سبب آهي ته ڪيترن ئي گهرن ۾ گوبي جي ڀاڄي ٻارن جي ضد ۽ نه کائڻ جي ڪري ناهي پچندي، پر ٻين سبزين جيان گوبي جا به صحت لاءِ حيران ڪندڙ فائدا آهن جن بابت ڪڏهن ڪنهن سوچو به نه هوندو.

گوبي جي گُل ۾ خوراڪ جون سموريون شيون موجود هونديون آهن انهن کانسواءِ ان ۾ وٽام سي، وٽامن ڪي، وٽامن بي 6 ۽ فوليٽ پڻ ججهي مقدار ۾ هجن ٿيون جنهن جي ڪري اها مدافعتي نظام، هڏين جي صحت ۽ جسم جي گڏيل صحت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.