قومي شاعر ماما جمن دربدر جي وڇوڙي کي هڪ سال وهامي ويو

وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو جهڙي لافاني سٽن جو خالق جمن دربدر جنهن کي مزاج، محبت ۽ ماٺيڻي طبيعت جي ڪري هن ديس جا ماڻهو ماما ڪري ڪوٺيندا هئا.

جمن دربدر جو تعلق سنڌ جي ساند قبيلي سان آهي، هن عمرڪوٽ جي ڳوٺ روحل واءِ ۾ عبدالرشيد ساند جي گهر 12 مئي اڻويهه سئو چوئيتاليهه تي جنم ورتو.

جمن دربدر پنهنجي شروعاتي تعليم لاءِ پرائمري اسڪول عمر ڪوٽ ۾ داخل ٿيو، جنهن کانپوءِ سندس والد ڳوٺ ۾ اسڪول کولرايو ته هن چار درجا پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي. ان بعد مڊل اسڪول ساڀي ۾ اٺين درجي تائين تعليم به حاصل ڪئي ۽ مدرسي ۾ به پڙهيو. جتي سنڌ جو عظيم عالم، ليکڪ، محقق ۽ قومپرست سياستدان عبدالواحد آريسر به ساڻس گڏ ئي پڙهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.