جعلي وڪيل 26 ڪيس کٽي ويو!

نيروبي (ويب ڊيسڪ) ڪينيا جي هڪ شخص کي تازو ان ڳالهه تي گرفتار ڪيو ويو آهي ته هن هڪ وڪيل جي ڪاپي ڪندي 26 مختلف ڪيسن ۾ موڪلن جي نمائندگي ڪئي.

برائن ميونڊا نالي هڪ شخص وڪيل جو روپ اختيار ڪري 26 ڪيس وڙهيو ۽ حيرت جوڳي طور تي اهي سڀ ڪيس کٽي ويو.

ان کان وڌيڪ حيرت جي ڳالهه اها آهي شهري ڪڏهن به ڪا وڪالت جي تربيت حاصل نه ڪئي هئي.

نوجوان شهري 26 مختلف ڪيسن ۾ ڪورٽ آف اپيل ججز ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججز سامهون موڪلن جي نمائندگي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

هو پاڻ کي هڪ قابل وڪيل جي طور تي پيش ڪندو هو ۽ ججز کي ڪڏهن شڪ نه ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.