جهاز ۾ بم جو اطلاع، ايئرپورٽ تي ٿرٿلو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) جهاز ۾ بم جي اطلاع تي برطانيا جو مانچسٽر ايئرپورٽ عارضي بند ڪيو ويو.

اماراتي ايئرلائن جي جهاز کي لنڊ ڪندي ئي رن وي تي روڪيو ويو.

گريتر مانچسٽر پوليس واضح ڪيو آهي ته هيل تائين جهاز مان ڪو بم ناهي مليو، جهاز ۾ بم جو اطلاع پوليس کي اي ميل ذريعي ڏنو ويو هو.

موجوده صورتحال ۾ دبئي واپسي جي اڏام اڍائي ڪلاڪ دير سان رواني ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.