ڀارتي پوليس تماشائين کي پاڪستان جي حق ۾ نعرا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو، وڊيو ڏسو

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ-آسٽريليا ميچ دوران ڀارتي پوليس تماشائين کي پاڪستان جي حق ۾ نعرا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو.

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 18 هين ميچ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ بئنگلورو جي چناسوامي اسٽيڊيم ۾ کيڏي وئي.

ميچ دوران پاڪستاني ٽيم جي سپوٽرن طرفان ٽيم جي حق ۾ نعريبازي ڀارتي پوليس کي پسند نه آئي ۽ کين نعرا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو.

اهڙي واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن تي ڪيئي واهپيدار ڀارتي پوليس جي رويي جي نندا ڪندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ميزبان ۽ اداڪار مومن ثاقب وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته اِها انتهائي حيران ڪندڙ ۽ پريشان ڪري ڇڏيندڙ ڳالهه آهي ته تماشائين کي ” پاڪستان زنده آباد “ جو نعرو هڻڻ کان روڪيو پيو وڃي.

اسپورٽس صحافي فريد خان عرفان پٺاڻ کي مخاطب ڪندي لکيو ته  هيءِ ڇا آهي عرفان پٺاڻ، پاڪستاني تماشائين کي ” پاڪستان زنده آباد “ چوڻ کان روڪيو ويو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پي سي بي کي ورلڊ ڪپ جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي جڏهن ته هن آءِ سي سي ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي مخاطب ڪندي لکيو ته اوهان ڇا ڪري رهيا آهيو؟ .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.