سنڌ جي مختلف شهرن جروار، راڄوخاناڻي ۽ سامارو ۾ فلسطينين جي حمايت ۽ اسرائيلي جارحيت خلاف ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.
جروار ۾ سياسي سماجي اڳواڻ ۽ شهرين پاران ممتاز گبول مولا بخشم عبدالرزاق گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري اسرائيلي ظلمن خلاف نعريبازي ڪئي وئي.
ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسرائيل جا مظلوم فلسطينين تي ظلم جاري آهن پر عالمي برادري خاموش تماشائي بڻيل آهي.
راڄوخاناڻي ۾ شيعا تنظيمن پاران اسرائيلي بربريت ۽ دهشتگردي خلاف مسجد امام زمانه کان ماتلي روڊ جي واپـڊا چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ان موقعي تي اڳواڻن محمد حسن جعفري، عالم طاهري، انور حسين انصاري ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته فلسطين تي اسرائيلي جارحيت ۽ دهشتگردي برداشت نه ڪئي ويندي مسلمانن کي متحد ٿي اسرائيلي جارحيت خلاف مظلوم فلسطينين جي مدد گهرجي.
سامارو ۾ فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم تشدد ۽ بي رحماڻي قتل خلاف فقه جعفريه پاران مسجد المرتضا کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي اسرائيلي وزيراعظم جو پتلو ساڙيو ويو.
ان موقعي تي اڳواڻن سيد علي قطب شاه ، سيد ڪرم حسين شاه ، سيد آصف علي شاه ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته فلسطين جي بيگناهه مسلمانن مٿان تشدد جي سخت مزمت ڪريون ٿا،مظلوم فلسطينين تي ٿيندڙ ظلم بند ڪيو وڃي.
احتجاج ڪندڙن گڏيل قومن، عالمي برادري ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته اسرائيلي جارحيت کي روڪرائي مظلوم فلسطينين جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اسرائيل خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي.