جيڪب آباد: سنڌ ملاح فورم جو فشريز کاتي جي ناجائزين خلاف ڌرڻو

جيڪب آباد ۾ سنڌ ملاح فورم  طرفان فشريز کاتي جي ناجائزين خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

رحمت الله، وسيم ۽ عرفان ميراڻي جي اڳواڻي ۾ فشريز کاتي جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته فشريز کاتي جو ڊائريڪٽر شفات ابڙو ۽ سندس عملو  پيسن عيوض غير قانوني لائيسنس جاري ڪري بيگاري نور واھ سميت ننڍن وڏن واھن تي بااثرن جو قبضو ڪرايو آهي، مھاڻا کي لائيسنس جاري ڪرڻ بدران نظرانداز ڪري ظلم ڪيو پيو وڃي.

احتجاج ڪندڙن نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽس وٺي لائيسنس جاري ڪيا وڃن ته جيئن روزگار ڪري سگھون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.