گوگل جو هي فيچر اوهان کي انگريزي سيکاريندو

هونئن ته انٽرنيٽ تي هر شيءِ کي ڄاڻڻ لاءِ ماڻهو گوگل جو رخ ڪندا آهن.
پر اوهان انگريزي ٻولي ڳالهائڻ سکڻ چاهيو ٿا ته گوگل ان ۾ به اوهان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيارآهي.
گوگل طرفان هاڻوڪن ڪجهه سالن ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي سروسز جهڙوڪ اسسٽنٽ ۽ ٽرانسليٽ متعارف ڪرايا ويا آهن جيڪي مختلف ٻولين جي ترجمي ۾ مدد فراهم ڪندا آهن.
پر هاڻ گوگل طرفان هڪ اهڙي سروس متعارف ڪرائي پئي وڃي جيڪا هٿرادو ذهانت (آرٽيفيشل انٽيليجنس) کي استعمال جي مدد سان واهپيدارن کي انگريزي ڳالهائڻ يا سکڻ ۾ مدد فراهم ڪندي.
گوگل طرفان هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شروعاتي طور تي ارجنٽائن، ڪولمبيا، انڊونيشيا، ميڪسيڪو، وينزويلا ۽ ڀارت ۾ اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ گوگل سرچ جو هڪنئون فيچر ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
اهو نئون فيچر نئين ٻولي سکڻ جي خواهشمندن کي انگريزي ۾ ڳالهائڻ جي مشق ڪرائيندو.
گوگل موجب اهو فيچر مستقبل ۾ ٻين ملڪن ۾ به واهپيدارن کي دستياب هوندو.
ڪمپني ٻڌايو ته گوگل سرچ اڳ ئي مختلف ٻوليون سکڻ“ ترجمو ڪرڻ ۽ لفظن جا مفهوم سمجهڻ لاءِ اهم ٽول آهي، پر هاڻ ان کي انگلش ڳالهائڻ جي مشق لاءِ به استعمال ڪري سگھبو.
گوگل سرچ طرفان ان فيچر تحت واهپيدارن کي مختلف لفظ يا جملا ڳالهائڻ جي مشق ڪرائي ويندي.
اهڙيءَ طرح جي مشق جو مدو ٽه کان پنج منٽ هوندو جڏهن ته گوگل سرچ طرفان واهپيدارن جي ڪارڪردگي تي فيڊ بيڪ به ڏنو ويندو.
اهڙي طرح انهن کي روز مشق لاءِ ريمائنڊر جو آپشن به ڏنو ويندو.
ڪمپني موجب جيئن جو تيئن ان مشق کي ڏکيو ڪيو ويندو ته جيئن واهپيدار جي انگريزي ڳالهائڻ جي صلاحيت بهتر ٿي وڃي.
گوگل ٻڌايو ته انگريزي ڳالهائڻ جي مشق تي ٻڌل ان فيچر کي استعمال ڪندي واهپيدار هر ان لفظ تي ڪلڪ ڪري سگھندو جنهن جو معنيٰ ان کي سمجهه ۾ نه ايندي.
ان جي مدد سان گوگل ڊولينگو ۽ اهڙين ٻين ايپس کي ٽڪر ڏئي سگھبو جيڪي ماڻهن کي مختلف ٻوليون سيکارڻ يا لکڻ ۾ مدد فراهم ڪنديون آهن.
گوگل کي ٻين ايپس تي گوگل سرچ جي ڪري به سرسي حاصل هوندي جنهن جو استعمال اربين ماڻهو ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.